وڳڻ (ن پ ا) لاڙڪاڻو کان ڪراچي ويندڙ ڪوچ ۾ شراب پي موج مستي ڪندي ڊرائيور ۽ ڪلينر جو ھٿ پڪڙي مسافر پاران ڊانس ڪرڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد موٽروي پوليس نوٽيس وٺندي ڪوچ پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور خلاف وڳڻ ٿاڻي تي لاپرواھي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن گاڏي ۾ شراب جي نشي ۾ ڌت ٿي موج مستي ڪندڙ مسافر کي پوليس اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته ڊرائيور پاران ڪوچ ۾ سفر ڪندڙ مسافرن جي جانين جي پرواھ نه ڪندي ڪوچ جي اسٽيئرنگ مان ھٿ ڪڍي مسافرن جي جانين سان کيڏڻ ۽ وڏي غفلت جو مظاھرو ڪيو ويو سندس اھڙي لاپرواھي سبب وڏو حادثو پيش اچي پئي سگھيو، پوليس موجب نشو واپرائيندڙ خلاف پڻ قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.