ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

0
709
ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت
ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت ڇا آهي؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊجيٽل ڪرنسي تي پابندي خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، ڊپٽي گورنر اسٽيٽ بينڪ، درخواست گذار ۽ ٻيون اختياريون پيش ٿيون

عدالت ڪرپٽو ڪرنسي جي قانوني حيثيت جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي، جنهن ۾ اسٽيٽ بينڪ، ايس اي سي پي، ناڻي ۽ آءِ ٽي وارين وزارتن، پي ٽي اي جا نمائندا ۽ درخواست گذار شامل هوندا. ڪميٽي جي پهرين گڏجاڻي 25 آڪٽوبر تي ٿيندي

عدالت وفاقي جاچ اداري ايف آءِ اي کي ڊجيٽل ڪرنسي جو ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان به روڪي ڇڏيو ۽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي کي ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالتي حڪم موجب ڪميٽي جي ڪارروائي ڳجهي رکي ويندي، ڪميٽي جو ڪو به ميمبر ان حوالي سان نه ڪو بيان جاري ڪندو ۽ نه وري سوشل ميڊيا تي ان بابت ڪا ڳالهه ڪندو

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته ايس اي سي پي غيرقانوني ڪم ڪندڙ ايڪسچينجز خلاف ڪارروائيون جاري رکندو. عدالت وڌيڪ ٻڌڻي جنوري 2022 جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ڪميٽي جي سمورن ميمبرز کي ايندڙ ٻڌڻي تي پنهنجيون رپورٽس پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو