وزيراعظم پاران غريبن لاءِ پيٽرول ۽ ٻين شين تي سبسڊي جو وڏو پلان ٺاهڻ جي هدايت

0
301
پيٽرول ۽ ٻين شين تي سبسڊي
وزيراعظم پاران غريبن لاءِ پيٽرول ۽ ٻين شين تي سبسڊي جو وڏو پلان ٺاهڻ جي هدايت

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان گهٽ آمدني رکندڙ ماڻهن کي پيٽرول ۽ ٻين شين تي سبسڊي ڏيڻ لاءِ پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

وزيراعظم جي صدارت هيٺ حڪمران جماعت جي سينيئر اڳواڻن جي اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ سياسي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. ان موقعي تي وزيراعظم گهٽ آمدني وارن شهرين کي پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جو پلان ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موٽرسائيڪل، رڪشا ۽ ٻين عوامي سوارين کي گهٽ قيمت تي پيٽرول جي فراهمي جو پلان ايندڙ هفتي پيش ڪيو ويندو

اجلاس ۾ مهانگائي گهٽائڻ لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون ٺاهڻ ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ذريعي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو. اجلاس ۾ سنڌ اندر اٽي جي مهانگن اگهن تي وڪري واري صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان اجلاس ۾ ڳالهائيندي چيو ته غريب ماڻهن کي ٽارگيٽڊ سبسڊي ڏيڻ وارو وڏو پلان جلد کان جلد شروع ڪيو وڃي

ڊاڪٽر ثانيه نشتر ٽارگيٽڊ سبسڊي پروگرام جي تيارين بابت وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته اهو پروگرام هلندڙ سال ئي شروع ڪيو ويندو. احساس پروگرام لاءِ اهل گهراڻن کي سبسڊيز واري پروگرام تحت مختلف شين جي خريداري تي وڏيون رعايتون ملنديون