ڪريم بخش کوسو (ن پ ا) ڪريم بخش کوسو ڀرسان زمين جي تڪرار تان بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڪهاڙيون ۽ لٺيون لڳڻ سبب استاد دلمراد خان، فخرالدين ۽ غلام مرتضيٰ بنگلاڻي سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن زخمين کي سول اسپتال جيڪب آباد منتقل ڪيو، جتي هڪ زخمي غلام مرتضيٰ بنگلاڻي کي نازڪ حالت هجڻ سبب ڪراچي منتقل ڪيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو، اطلاع تي مقتول جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، واقعي بعد ٻنهي ڌرين جا ماڻهو مورچا بند ٿي ويا، پوليس موجب زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿيو، جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پڪٽ قائم ڪئي وئي آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.