شھدادپور(ن پ ا) شھدادپور پوليس موبائيل ٽڪ ٽاڪ ۾ استعمال ٿيڻ لڳيون، ٽڪ ٽاڪ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ڪيون ويون، سوشل ميڊيا واهپيدارن پوليس مٿان ڇتي تنقيد ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ شھدادپور ٿاڻي تي ڊيوٽي ڏيندڙ هڪ پوليس اهلڪار علي حيدر ڏيٿو ۽ هڪ ٽڪ ٽاڪر پوليس جي زير استعمال موبائل ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي وڊيوز ۾ صاف نظر اچي رهيا آهن، ٽڪ ٽاڪر جي سڃاڻپ شھدادپور واسي ڪي پي اسد نالي طور ٿي آھي. سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل ٿيڻ بعد واهپيدارن ۽ شھدادپور جي شھرين پوليس تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته شھدادپور ۾ ڦرون ۽ چوريون چڪاريون روز جو معمول بڻيل آهن پر پوليس موبائيلون چورَن ۽ ڦورن کي پڪڙڻ بجاءِ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيڻ لڳيون آهن. ٻئي طرف پوليس ذريعن موجب پوليس موبائل ۾ ٽڪ ٽاڪ ٺاهڻ واريون وائرل ٿيل وڊيوز بابت ايس ايس پي سانگهڙ ڊاڪٽر فرخ لنجار نوٽيس وٺندي ڄاڻايل اهلڪار علي حيدر ڏيٿو کي ڪوارٽر گارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.