جنگشاهي (ن پ ا) اديب، دانشور ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي ٽين ورسي تقريب 7 جون تي سندس اباڻي ڳوٺ منگر خان پليجو جنگشاهي ۾ ايس او پيز تي تحت ملهائي ويندي، ورسي تقريب جي حوالي سان اڳواڻن گنھور خان زئور، عبدالرزاق چانڊيو، مٺاخان لاشاري جنگشاهي پهچي ورسي تقريب جي تيارين جو جائزو ورتو، ان موقعي تي عوامي تحريڪ ٺٽي جي نائب صدر عبدالرزاق چانڊيو ٻڌايو ته ورسي ايس او پيز تحت ملھائي ويندي،هن وڌيڪ چيو ته پروگرام 7 جون تي شام جو 5 وڳي شروع ٿيندو، جنھن ۾ سنڌي گرلز اسٽوڊنٽس تحريڪ طرفان رسول بخش پليجي کي سلامي پيش ڪئي ويندي، سنڌياڻي ثقافتي گروپ پاران ٽيبلو پيش ڪيا ويندا ۽ قومي فنڪار انقلابي گيت ڳائي رسول بخش پليجو کي خراج تحسين پيش ڪندا، ھن وڌيڪ چيو ته عوامي تحريڪ جا مرڪزي عھديدار ۽ مرڪزي ڪميٽي صبح 10 وڳي مزار تي پھچي گلن جي چادر پڻ چاڙهيندا ۽ شام جو مرڪزي قيادت جي نگراني ۾ ورسي تقريب شروع ڪئي ويندي.