ڪرمپور ڀرسان نندواڻي وڙهي پيا، 10 ڄڻا زخمي

0
303
حيدرآباد پوليس وڌيڪ

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور ڀرسان نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا رتورت ٿي ويا، ڳوٺ منصورآباد ۾ گهرن اڳيان بيٺل وڻ ڪٽڻ تان نندواڻي برادري ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن تان ٻنهي ڌرين پاران هڪٻئي مٿان لٺين ۽ ڪهاڙين جو وسڪارو لائي ڏنو، زخمين کي وارث ڪرمپور اسپتال کڻائي ويا جتي ڊاڪٽر نه هجڻ سبب زخمي اسپتال ۾ تڙپندا رهيا، بعد ۾ کين طبي امداد ڏني وئي.