ڊکڻ ويجهو چانڊيا برادري جو خوني تڪرار، وڌيڪ 2 ڄڻا قتل

0
298

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ويجهو چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين سڪندر چانڊيو ۽ حب علي چانڊيو ۾ تڪرار تان 2 ڄڻا قتل ٿي ويا، حب علي چانڊيو ڌر جي هٿياربندن سڪندر چانڊيو ڌر جي ٻن نوجوان وڌايو چانڊيو ۽ عرفان چانڊيو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد سوين ماڻهو واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن، جڏهن ته ڊکڻ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ مديجي تعلقا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، واقعي بعد ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي مٿان فائرنگ جو سلسلو به تيز ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ مقتولن جي سئوٽ دلبر چانڊيو ٻڌايو ته حب علي چانڊيو وارن اسان جا همراه قتل ڪيا آهن، ياد رهي ته ٻنهي ڌرين ۾ هن وقت تائين 6 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن، ٻنهي ڌرين کي ٺاھ لاءِ علائقي جي سياسي سماجي ماڻهن وڏي ڪوشش ڪئي ۽ نواب سردار چانڊيو وٽ فيصلو به ٿيو پر تڪرار ختم نه ٿي سگهيو.جڏھن تھ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آھي، مقتول الهوڌايو ۽ عرفان چانڊيو جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، جھيڙي ۾ فائرنگ سبب 3 عورتون پڻ زخمي ٿي پيون.