ڪرمپور جي ڪچي ۾ ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ ويل 6 ڳوٺاڻا اغوا

0
241

ڪرمپور (ن پ ا) ڪرمپور جي ڪچي ۾ ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ ويل 6 ڳوٺاڻا اغوا، ڳوٺ گُل محمد چاچڙ جا رهواسي پورهيت گڏهه گاڏن تي ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ ويا ته هٿياربند کين اغوا ڪري ويا

 مغوين ۾ مٺل، پرويز، حاجي چاچڙ، رزاق، بلاول ۽ دين محمد چاچڙ شامل آھن، هٿياربند ٻن ڳوٺاڻن مشتاق ۽ هاشم چاچڙ کي ڇڏي هليا ويا

اطلاع ملڻ تي ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي پوليس ڌاڙيلن پويان رواني ٿي وئي، علائقي ۾ چئوٻول آهن ته پورهيتن کي ووٽ نه ڏيڻ تان اغوا ڪرايو ويو آهي، مغوين جي وارثن طرفان احتجاج ڪري کين جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي