امير ديس جو غريب شاعر: نور سانول

0
128
امير ديس جو غريب شاعر: نور سانول

  هو امير ديس جو اهو غريب شاعر آهي جنهن سدائين پورهئي ۾ ئي عظمت سمجهي. دنيا جي دردن تي هن بيباڪي ۽ اورچائي سان لکيو آهي. هن جو تعلق نج غريب خاندان سان آهي، جيڪي ڪولاب جيئل جهڙي ننڍڙي يونين ڪائونسل ضلعي خيرپور ۾ رهائش پذير آهن. انور عليءَ ابڙي 10 مَئي 1981ع تي هڪ پورهيت ۽ هاري شير محمد ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو، جتي بلبن بدران گاسليٽ واري بتي ٻرندي هئي، جنهن ۾ سندس والدين گاسليٽ يا وري سرنهن جو تيل وجهي اونداهي کي ڀڄائيندا رهيا.  ٻهراڙي ۾ رهڻ سبب وٽن جديد طرز جون ڪي سهولتون نه هيون. سندس والدين انور علي کي ڏسي پيا ٺرندا هئا، هو پنهنجي والدين جي روشن اميد ٿي ڄائو. پرائمري پنهنجي آبائي ڳوٺ ڪولاب جيئل مان پرايائين. مڊل تائين ساڳي ئي ڳوٺ ۾ پڙهيو. هو پنهنجي ڳوٺ جي ڇوڪرن کي سڃاڻندو ته هو، پر انهن سان هن جي مڙوئي گهٽ لڳندي هئي. اسڪولي ڏهاڙن ۾ اڻ هوند باوجود انور علي ابڙو دل لڳائي پڙهيو ۽ استادن ۾ عزت ڪمائي. انور علي ابڙو کي ادبي دنيا ۾ “نور سانول” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هو شاعر آهي.  غريب سهي پر بي ضمير ڪونهي، هو خوددار ماڻهو آهي، هٿ ٽنگڻ بدران سدائين هٿن سان پورهيو ڪرڻ کي اوليت ڏني اٿائين. هن کي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن سان بي پناهه پيار آهي، وٽس پورهئي جو جذبو آهي، پيٽ گذر وارو مسئلو سندس جيڪڏهن حل ٿئي ته هي نوجوان تمام سٺو ڪم ڪري سگهي ٿو، افسوس اهوئي آهي ته پاڻ اهڙي ملڪ ۾ ڄايا سين جتي هر ماڻهو لاءِ ٻه ويلا ماني به وڏو مسئلو بڻيل رهيو آهي.

هو پورهيت شاعر آهي، پورهئي سان گڏ هو شاعري به ڪندو رهي ٿو. غزل، وائي، نظم يا دوها، سندس لکڻ جو محور رهيا آهن،  ذڪر ڪيل صنفون سندس پسنديده صنفون آهن. وٽس ايترا ڏوڪڙ ناهن جو هو سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ وڃي ۽ مشاعرہ اٽينڊ ڪري سگهي. غربت سبب هينئر تائين سندس شاعريءَ جو مجموعو ڇپجي ناهي سگهيو. انور سانول سان ڪچهري دوران خبر پئي ته وٽس ٻن شعري مجموعن جيترو مواد پيو آهي.

هو ان سماج جو شاعر آهي، جتي پيار تي پهرا لڳل آهن ۽ هر جاءِ تي محبتن کي ڀيليو پيو وڃي. هن سماج اندر انهن ماڻهن جي گهڻائي نظر اچي ٿي، جيڪي محبت جي معاملي ۾ زيرو آهن.  هو محبتن ۽ آجپي جو هڪ امين شخص آهي،  هو يار ويس شاعر دوست آهي. ڪنهن پروگرام ۾ جيڪڏهن سندس نظر پئجي ويندي ته ڊڪي اچي ڀاڪر ڀريندو، حالي حوالي ٿيندو.انور سانول جي شاعري پڙهجي ته خبر پوندي ته سندس شاعريءَ ۾ ماروئڙن سان محبت جي پوکيل گلابن بدبودار سماج کي ڪنهن قدر خوشبوءَ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي. هن سماج به انور سانول ۽ هن جهڙن ٻين کوڙ شاعرن کي دردن جي ڪُن ۾ ڦاسائي کين هر حوالي سان دردن ۽ پيڙائن پئي پيسيو آهي. هو ڪٿي ٿڪو ناهي،حالتن سان مڙس ٿي مقابلو ڪيو اٿائين. هو پنهنجي چوڌاري انهن بي زبان ماڻهن کي زبان ڏيڻ چاهي ٿو، جيڪي مزاحمت بدران استحصالي قوتن کي ٽيڪ ڏيندا آهن. هن کي انهن تخريبڪار ماڻهن کان سخت نفرت رهي آهي، جيڪي انسانيت کان عاري رهيا آهن .

هو انهن سڀني منڪرن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندو رهي ٿو، جن راجا ڏاهر جي دور ۾ بنا سبب سنڌ جي امن کي برباد ڪرڻ چاهيو، هتان جون قيمتي شين کي مالِ غنيمت سمجهي سنڌ مان کڻي ٻين ملڪن جي بازار ۾ سستي اگهن تي وڪڻيو. هو سونهن جو شاعر آهي، سندس اکيون سدائين کليل رهيون آهن.سندس شاعري مون پڙهي آهي، جنهن کي پڙهڻ سان روح کي تازگي ملي ٿي ۽ احساسن جي آرسي ۾ پاڻ پسجي به ٿو. وٽس غريبن ۽ مسڪينن جون دانهون آهن. هو انهن جي وڪالت ڪندي نظر اچي ٿو، جن وٽ “آڻين ۽ چاڙهين” واري تنوار آهي.

انور سانول جي هن غزل جي ڪجهه سٽن کي پڙهي ڏسو :

مير پيرن جـي ڏٺي اڄ عيد مون،.

بي ضميرن جي ڏٺي اڄ عيدمون..

سڀ انائن جي رهيا بس قيد ۾ ،.

تن اسيرن جي ڏٺي اڄ عيد مون..

شاعر انور سانول شاعري شوقيه نه پيو ڪري، پر سندس شاعريءَ ۾ وطن جا خوبصورت لينڊ اسڪيپس آهن ۽ زندگيءَ جي گونج سان گڏ ان جا روڊ ميپس آهن، جن کي انائن جي ناخدائن مورڳو نظر انداز ڪري پاڻ عياشين جي گود ۾ سمهاري ورتو آهي.  هو سماج جو باشعور فرد آهي،جيڪو روايتي ڀوتارن، پيرن ۽ ميرن کان بڇان کائي مسڪين ماروئڙن جي ڀر وٺي هنن لاءِ نور نچوئيندو رهيو آهي. انور سانول مسڪين گهراڻي سان تعلق رکندڙ اهو بيباڪ شاعر آهي جنهن جي شاعريءَ ۾ ڀاري برج لوڏڻ جي غيبي سگهه به آهي ته فن ۽ فڪري حسناڪين جو اڻ کٽ جهان به آهي. هو پنهنجي همعصر دوستن کي حيران ڪرڻ لاءِ شاعري نٿو ڪري پر قومي فرض سمجهي رات ۽ ڏينهن مسلسل لکندو رهي ٿو. هو روشنين جي پيچري جو مسافر آهي جنهن کي اهو يقين آهي ته ڊگهي ڪاري رات جو هڪ نه هڪ ڏينهن خاتمو ٿيڻو آهي ۽ نئون صبح روشن ٿيڻو آهي.

انور سانول جي احساسن جو هيءُ به مثال پڙهي ڏسو، جنهن ۾ هن غير يقيني واري صورتحال ۾ پيدا ٿيندڙ بي چيني جو ذڪر ڪيو آهي ته :

ڏيهه جا هي اوپرا رستا ٿيا،

درد خوشين کان گهڻا سستا ٿيا.

ها واقعي غربت جي لڪير کان هيٺ جيون گھاريندڙ ڪنهن شخص کان پڇي ڏسجي، گوڏو ڀڃي ساڻس ڪچهري به ڪري ڏسجي ته بک ڇاهي؟ هوند ۽ اڻ هوند ڇاهي؟ مجبوري ڇاهي؟ ماڻهپو ڇاهي؟ گهر ۾ ٺريل چلهه جو درد ڇاهي؟ چلهي مان اڏامندڙ خاڪ کي هو سرمو سمجهي اکين ۾ ڪيئن وجهندا رهن ٿا جهڙا اهڙا ٻيا کوڙ سارا سوال ڪجن ته جيئن سندن من هلڪو ٿئي. واقعي به اڻ هوند ۽ مفلسي پنهنجي گهر ۽ تر ۾ اوپرو بڻائي ڇڏيندي آهي. انور سانول به اهڙين ڪيفيتن جي ڳالهه شاعريءَ ۾ ڪئي ته جيئن ايندڙ نسل کي انهن ڏکين حالتن جو ادراڪ هجي..!!انور سانول اسانجي سماج جو هڪ سجاڳ فرد آهي، جنهن جي شاعريءَ ۾ نوجوان نسل لاءِ مايوسين بدران اڻ کٽ اميدون آهن ۽ نصيحتون آهن. هو نٿو چاهي ته پاڻ جنهن گهٽ ٻوسٽ واري ماحول ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون، تهڙي طرح ايندڙ نسل به ڀوڳي. هو پنهنجي شاعريءَ ۾ دقيانوس ۽ سو ڪالڊ اڳواڻن ۽ رهبرن کان آزادي جو گهرجائو آهي.  پابندين باوجود به هو پيار ۽ آزاديءَ جا گيت لکندو رهي ٿو ۽ پنهنجي ان ازلي آزاديءَ تان دستبردار نٿو ٿئي.