ڪراچي: 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جي ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري

0
318
ڪراچي: ترقيون ملڻ بعد  10

ڪراچي: سنڌ حڪومت سليڪشن بورڊ ون ۾ 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ ڪامورن جي ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. سروسز کاتي جي ايڪس پي سي ايس گروپ جي ڪامورن آغا عبدالرحيم، رشيد زرداري، جاويد سلطان مهر، امتياز شيخ ۽ احمد علي قريشي کي 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري طور ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. صحت کاتي جي چيف ميڊيڪل آفيسر طور 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 40 ميل سائيڊ جي ڊاڪٽرن جي به ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو جن ۾ محمد احمد قاضر، افتخار احمد، ابصار ميمڻ، عرفان الحق، عبدالستار، جاويد احمد، غياث الدين ابڙو ۽ ٻين کي 20هين گريڊ ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر طور ترقي ڏني وئي. صحت کاتي جي 26 وومين ميڊيڪل آفيسرن کي به 20هين گريڊ ۾ چيف ميڊيڪل آفيسر طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، جن ۾ فوزيه ميمڻ، ڊاڪٽر سلطانه، خورشيد قريشي، نسرين سليم، طلعت هما، طاهره اسد، شهناز ميمڻ ۽ ٻيون شامل آهن. تعليم کاتي جي 5 فيميل ڊپٽي ڊائريڪٽر مبينا جکرو، فوزيه سلطانا، فاطمه زهريٰ، نيئر رفيق ۽ تحسين ڪوثر کي ٽيچنگ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ پرنسپال ۽ پروفيسر طور 20هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو، عنايت الله شيخ، دلاور خان، هارون لغاري، عبدالوحيد انڍڙ ۽ شاهنواز سهتو کي به ٽيچنگ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ 20هين گريڊ ۾ پرنسپالز طور ترقي ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ايجوڪيشن ورڪس جي محمد سليم شيخ کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي جو نوٽيفڪيشن جاري، پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي نوراحمد جلباڻي کي به چيف انجنيئر طور ترقي، اطلاعات کاتي جي غلام ثقلين کي 20هين گريڊ ۾ ڊي جي طور ترقي ڏني وئي، ورڪس اينڊ سروسز جي 2 سپرينٽنڊنٽ انجنيئرن فدا حسين ۽ زاهد قريشي کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني وئي.آبپاشي کاتي جي رٽائرڊ سپرينٽنڊنٽ انجنيئر مراد مهر کي 20هين گريڊ ۾ چيف انجنيئر طور ترقي ڏني وئي.