ٽرين حادثي ۾ ٽوبه ٽيڪ سنگهه جي هڪ ئي گهر جا 5 ڀاتي اجل جو شڪار

0
382

ٽوبه ٽيڪ سنگهه: گهوٽڪي ريلوي حادثي ۾ ٽوبه ٽيڪ سنگهه جا هڪ خاندان تباهه ٿي ويو، ملت ايڪسپريس ٽرين ۾ هڪ ئي خاندان جا 5 ڀاتي اجل جو شڪار ٿي ويا. ٽوبا ٽيڪ سنگهه جي ڳوٺ 395 جي بي ساده آرائيان جا پنج ڀاتي بدقسمت ٽرين ۾ سوار هئا جن ۾ رزاق نالي شخص جي زال ساجده پروين، پٽ چاند رزاق، ڌيءُ مومنه ، طاهره پروين ۽ سندس پٽ عبدالرحمان حادثي ۾ فوت ٿي ويا. متاثر خاندان ملت ايڪسپريس ٽرين جي بوگي نمبر 6 ۾ ڪراچيءَ کان گهر اچي رهيو هو. افسوسناڪ خبر ٻڌي علائقي ۾ سوڳوار ماحول پيدا ٿي ويو، متاثر خاندان جي ٻين گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته ٽن فوتين جا لاش مليا آهن، ٻن جي ڳولا جاري آهي.