حيدرآباد: ڊاڪٽر قادر مگسي جي گرفتاري جو خدشو، وڏي انگ ۾ پوليس اٽالا پهچي ويا

0
395
پ پ ۽ ن ليگ جو ايم ڪيو ايم

حيدرآباد: ايس ٽي پي سربراهه داڪٽر قادر مگسي جي گرفتاري جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، قاسم آباد جي علمدار چوڪ تي پوليس جا وڏا اٽالا موجود آهن، قيدين کي کڻي ويندڙ گايڏن پڻ گهرايون ويون آهن جڏهن ته ايس پي سٽي علينه راڄپر جي سربراهي ۾ پوليس اٽالن سان ايس پي ڪينٽ به موجود آهي.
مختلف ٿاڻن تان پوليس جون موبائلون به گهرايون ويون، ريپڊ ريسپانس فورس جا اهلڪار به علمدار چوڪ تي موجو آهن جتان ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي جو گهر ڪجھه مفاصلي تي قائم آهي، پوليس عملدارن جو چوڻ هو ته گرفتاري جا چٽا آرڊر نه مليا آهن، امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاء فورس گهرائي آھي، پوليس اٽالن جي موجودگي سبب علائقي ۾ خوف جي فصا آهي.