ڪراچي ۾ ڪورونا جا وار جاري، مثبت ڪيسز جو انگ 41 سيڪڙو ٿي ويو

0
146
ڪراچي ۾ ڪورونا جا

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي ۾ ڪرونا جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن شهر ۾ مثبت ڪيسن جي شرح 41 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي هئي

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 7 هزار 670 ٽيسٽون ڪيون ويون، جن مان 3 هزار 149 ڪيس مثبت آيا اهن

ياد رهي ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ڪورونا ڪيسن جي شرح 35 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي پئي وڃي

پاڪستان ۾ به گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 11.5 سيڪڙو کان وڌيڪ رڪارڊ ڪئي وئي

ٻئي طرف اين سي او سي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا مثبت ڪيسز وارن علائقن ۾ انڊور ايونٽس تي پابندي جو اعلان ڪيو آهي

ھي به پڙھندا

ملڪ ۾ 9 مهينن کانپوءِ ڪورونا ڪيسز جي شرح ۾ واڌ رڪارڊ