ڄام نوازعلي: فيصلي دوران دل جو دورو پوڻ سبب مامو ۽ ڀاڻيجو فوت

0
131
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت
پنوعاقل ويجهو بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت

ڄام نوازعلي (ن پ ا)  ٻيراڻي شهر ۾ خاصخيلي ۽ مري برادري جي ٻن ڌرين ۾ فيصلي دوران اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب مامو ۽ ڀاڻيجو فوت ٿي ويا، جن جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو

پ پ اڳواڻ رئيس نادر خان مري جي بنگلي تي مري ۽ خاصخيلي برادري جي ٻن ڌرين  ۾  هلندڙ پراڻي تڪرارجي نبيري لاءِ فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻئي ڌريون گڏ ٿيا ته اچانڪ دل جو دورو پوڻ سبب 50 سالن خميسو مري موقعي تي فوت ٿي ويو

ڀاڻيجي جي  فوت ٿيڻ تي 55 سالن جو رئيس فتح خان مري به بيهوش ٿي ڪري پيو، جنهن کي انتهائي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد  اسپتال منتقل ڪيو جتي علاج دوران فوت ٿي ويو

ٻئي فوتي مامو ڀاڻيجا ٻڌايا وڃن، رئيس فتح خان مري جو مڙهه  ميرپورخاص ۽ خميسو خان مري جو مڙهه شاهه بيگ مري پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو