ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
207

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سرجاني ٽائون سيڪٽر 5 ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي، واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب مارجي ويل شهري جي 52 ورهين جي اسلم طور سڃاڻپ ٿي آهي، واقعو ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تان پيش آيو.