ٽنڊو الهيار: پوليس تشدد ۾ نوجوان جو موت، آءِ جي سنڌ نوٽيس ورتو

0
220

ٽنڊوالهيار (ن پ ا) لاڪ اپ ۾ پوليس تشدد ۾ نوجوان بابر خانزادي واري مامري جو آءِ جي سنڌ نوٽس وٺي ڇڏيو آهي، آئي جي سنڌ مشتاق مهر مامري جو نوٽس وٺندي 3 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي آهي، آئي جي سنڌ پاران جوڙيل جاچ ڪميٽي ۾ ڊي آئي جي شهيد بينظيرآباد مظهر نواز شيخ ۔ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ ايس ايس پي تنوير حسين تنيو شامل هوندا، آئي جي سنڌ جي جوڙيل جاچ ڪميٽي سموري مامري جي جاچ ٽي ڏينهن ۾ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪندي.