ڪراچي ۾ شهرين هٿان تشدد ڪري ماريل 2 ڄڻا موبائيل ڪمپني جا ملازم نڪتا

0
415

ڪراچي ۾ شهرين پاران ڦورو سمجهي تشدد ڪري ماريل 2 ڄڻا موبائيل ڪمپني جا ملازم نڪتا

مارجي ويلن مان هڪ ڄڻي جي سڃاڻپ مڪلي واسي احمد جاويد طور ٿي، تشدد ۾ ماريل ٻيو شخص ڊرائيور اسحاق هو

ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو آهي ته ٻئي ملازم ڪياماڙي جي مڇر ڪالوني ۾ موبائيل سگنل چيڪ ڪرڻ آيا هئا، افواهه پکيڙيو ويو ته هو علائقي مان ٻارن کي اغوا پيا ڪن

هن چيو ته مڇريل ماڻهن جي هجوم ٻنهي ملازمن کي تشدد ڪري ماري ڇڏيو

ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري چيو ته ملازمن کي ڇڏائڻ لاءِ پهتل پوليس اهلڪارن تي به تشدد ڪيو ويو، 4 اهلڪار زخمي ٿي پيا

ايس ايس پي ڪياماڙي فدا حسين جانوري موجب واقعي ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل