سکر: باگڙجي جي ڪچي ۾ ٻن ڀائرن سوڌو 4 ڄڻا قتل

0
340

سکر (رپورٽر) باگڙجي جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾  زمين جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب 4 ڄڻا مارجي ويا آھن

باگڙجي جي ڪچي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿيو، جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، ٻنھي ڌرين جا 4 ڄڻا مارجي ويا آھن

مارجي ويلن ۾  ٻن سڳن ڀائرن نادر جتوئي، محمد صالح سميت سردار  بخش ۽ واحد بخش جتوئي شامل آھن

پوليس موجب وزير جي ٻن پٽن سوڌو چار ڄڻا مارجي ويا آھن، ھي واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آھي

ڪشمير ۽ وزير عطراڻي جتوئي ڌرين ۾ زمين جي مالڪيءَ تان جهيڙو هلندڙ آھي، هيل تائين 20 ڄڻا مارجي چُڪا آھن

ھي به پڙھندا

سنڌ جَي مختلف علائقن ۾ فائرنگ جا واقعا: مبينا چور سميت 4 ڄڻا مارجي ويا