فوج سميت ڪو به ادارو تنقيد ۽ الزامن تي پنھنجو موقف پيش ڪري سگھي ٿو: گھرو وزير

0
351

راولپنڊي: وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته پي ٽي آءِ وارن قانون موجب پرامن احتجاج ڪيو ته اجازت هوندي، ڪنهن به جٿي کي اسلام آباد تي چڙهائي جو موقعو نه ڏينداسين،اهڙو سبق سيکارينداسين جو هميشا ياد رکندا

راولپنڊي ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھائيندي وفاقي گھرو وزير جو چوڻ ھو ته آرمي آفيسرز سوڌو ڪو به ادارو، جن تي تقنيد ۽ الزامن ھجن اھو پنھنجو موقف پيش ڪري سگھي ٿو ۽ جڏھن بھ ضرورت پوي فوجي آفيسرن کي اھڙي آگاھي عوام کي ڏيڻ گھرجي

ھن جو چوڻ ھو ته ڪوڙو ٿريٽ الرٽ جاري ڪري ارشد شريف کي ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو، ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽ ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس سان عوام کي آگاهي ملي، اسلام آباد ۾ خراب نيت رکي ايندڙن سان سختيءَ سان منهن ڏبو

ڪنھن جٿي کي اسلام آباد تي چڙھائي جي اجازت نھ ڏينداسين، بري نيت سان ايندڙن کي سختي سان منھن ڏينداسين، اسلام آباد ۾ احتجاج بابت سپريم ڪورٽ ۽ ھاءِ ڪورٽ جا حڪم واضح آھن، پرامن احتجاج جي لاءِ حڪومت پنھنجون ذميواريون پوري ڪندي

ھي به پڙھندا

فوجي قيادت پاڻ پريس ڪانفرنس ڪري غلطي ڪئي: شاهه محمود قريشي

اسان کان غلطي ٿي سگھي ٿي، پر غدار ۽ سازشي نٿا ٿي سگھون: ڊي جي آءِ ايس پي آر