حقيقي آزادي لانگ مارچ: عمران خان جو خطاب

0
307

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اعليٰ قيادت ياسمين راشد، اسد عمر، فواد چوڌري ۽ ٻيا لبرٽي چوڪ تي تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سان گڏ موجود آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين لبرٽي چوڪ پهتو ته پارٽي قيادت توڙي ڪارڪنن سندس شاندار آجيان ڪئي

تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، جن وٽ جهنڊا ۽ پوسٽر آهن، عمران خان جي قيادت ۾ لبرٽي چوڪ کان پي ٽي آءِ جا قافلا اسلام آباد روانا ٿيندا

پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري، اسد عمر ۽ ٻين چيو آهي ته نظام جي تبديلي لاءِ قوم کي ٻاهر نڪرڻو پوندو، وايون بتال ٿيل حڪومت لانگ مارچ کان اڳ ئي انتقامي ڪارروائيون شروع ڪري ڏنيون آهن

لانگ مارچ جو هڪ ئي مقصد آهي ته قوم حقيقي طور آزاد ٿئي: عمران خان

Image

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان لبرٽي چوڪ کان لانگ مارچ شروع ڪري ڇڏيو

پاڪستان تحريڪ انصاف لاهور کان اسلام آباد تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن ۾ شرڪت لاءِ تحريڪ انصاف جا ڪارڪن ۽ اڳواڻ به پهچي ويا آهن

Image

مارچ کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مان پنهنجي 26 سالن جي سياسي ڪيريئر جي اهم ترين سفر جي شروعات ڪري رهيو آهيان

هن چيو ته منهنجو مارچ سياست، اليڪشن يا ذاتي مفادن لاءِ نه آهي، رڳو هڪ مقصد آهي ته قوم حقيقي طور تي آزاد ٿئي ۽ اسان جا فيصلا واشنگٽن يا برطانيه ۾ نه پر پاڪستان ۾ ٿين

عمران خان چيو ته مان خاموش آهيان ته رڳو ملڪ ۽ ادارن جي خاطر، مان نواز شريف جهڙو ناهيان، مان آزاد فوج چاهيان ٿو، اسان جي تنقيد تعميري تنقيد آهي، مان به ڳالهائي سگهان ٿو پر نه ٿو چاهيان ته ملڪ کي نقصان ٿئي

هن وڌيڪ چيو ته مون ڪڏهن به ڪو غير آئيني مطالبو ناهي ڪيو، مان رڳو صاف ۽ شفاف اليڪشن چاهيان ٿو، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي

تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته هو عدليه کي ٻڌائڻ چاهين ٿا ته آئين ۽ قانون جي وچ ۾ هلنداسين، مان سپريم ڪورٽ کي سنجيدگيءَ سان ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 25 مئي تي توهان اسان جي جمهوري حقن جو تحفظ نه ڪيو، ماڻهن کي کنڀيو ويو پر اسان کي انصاف نه مليو، اسان مارچ دوران پرامن رهنداسين

عمران خان جي خطاب کان پوءِ سينيئر فيصل جاويد خان لانگ مارچ جي شرڪت ڪندڙن کي حلف به کڻايو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي  اڳواڻن طرفان چوڌري غلام سرور جي گرفتاريءَ جي مذمت ڪئي وئي

اسلام آباد ۾ پوليس، ايف سي ۽ رينجرز اهلڪارن جو فليگ مارچ

چوڌري غلام حسين جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد، جيل موڪليو ويو

لاهور جي مقامي عدالت بينڪ قرض جي مامري ۾ گرفتار ٽي وي اينڪر چوڌري غلام حسين جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو

ايف آءِ اي خميس جي رات لاهور مان اينڪر چوڌري غلام حسين کي حراست ۾ ورتو هو، کيس جمعي جي صبح عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتي ايف آءِ اي سندس 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن کي جج رد ڪري ڇڏيو

ايف آءِ اي جي بيان موجب چوڌري غلام حسين ڪمرشل بينڪنگ سرڪل لاهور کي ڪيس نمبر 94/2011 ۾ گهربل هو، چوڌري غلام حسين 2003ع ۾ جعلي دستاويزن ذريعي بئنڪ مان 5 ڪروڙ 70 لک رپيا قرض ورتو ۽ ان ڪيس ۾ سندس ٻه پٽ به جوابدار آهن

ھي به پڙھندا

تحريڪ انصاف جو لانگ مارچ: ڪارڪن ۽ اڳواڻ گڏ ٿيڻ شروع

فوج سميت ڪو به ادارو تنقيد ۽ الزامن تي پنھنجو موقف پيش ڪري سگھي ٿو: گھرو وزير