دعا کي بليڪ ميل ڪري مونکان ڌار ڪيو ويو: حليم عادل شيخ

0
396

ڪراچي: سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ جو پنهنجي گهر واري ايم پي اي دعا ڀٽو طرفان خلع لاءِ درخواست ڏيڻ واري مامري تي موقف سامهون آيو آهي

حليم عادل شيخ لاهور مان وڊيو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو ته خبر پئي آهي ته دعا ڀٽو مونکان خلع لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي

هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته منهنجو دعا ڀٽو سان رويو درست هو، مون اهڙي ڪا غلطي ناهي ڪئي، فيصلو الله جي عدالت تي ڇڏيان ٿو

حليم عادل شيخ چيو ته عورت ڪمزور هوندي آهي، زرداري سرڪار کيس ڊيڄاري مونکان ڌار ڪرڻ جي سازش ڪئي آهي

حليم عادل شيخ چيو ته جيل ۾ وڃڻ کانپوءِ دعا ڀٽو سان رابطو ڪٽجي ويو هو، سندس خلع جي درخواست منهنجي خلاف سازش آهي

ھي به پڙھندا

دعا ڀٽو جو حليم عادل شيخ کان رستا ڌار ڪرڻ جو فيصلو، خلع لاءِ عدالت سان رابطو