ڳاڙهو (ن پ ا) اداسي ڳوٺ جي عطائي ڊاڪٽر پاران نوجوان ناري اغوا، بدلي ۾ سندس زال ڄاڻايل به اغوا ڪئي وئي آھي  خبرموجب ڳاڙهو پوليس حد اداسي ڳوٺ ۾ گذريل 8 سالن کان بٺوري واسي عطائي ڊاڪٽر مبشر ميمڻ جوکيا برادري جي نوجوان ناري کي مبينا اغوا ڪري ويو، جنهن جو نالو معلوم ٿي نه سگهيو آھي. بدلي ۾ جوکيا برادري جي نوجوانن سندس خانگي اسپتال تي حملو ڪري ساڻس گڏ رهندڙ ناري جيڪا سندس زال سمجهي ويندي هئي نورجهان جوڻيجو کي اغوا ڪري ورتو آھي. ان ڏس ۾ ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب عطائي ڊاڪٽر مبشر ميمڻ سان 8 سالن کان گڏ رهندڙ نورجهان جوڻيجو سان نڪاح نه ڪيو هو، جڏهن ته نورجهان کي به هو ائين پيار ۾ ڦاسائي بليڪ ميل ڪري ويهاريو ويٺو هو، جڏهن ته نورجهان جوڻيجو کي پهرين مڙس مان هڪ پٽ جو اولاد آھي جيڪو ساڻس گڏ رهي ٿو، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 16 سال آھي، ٻئي طرف جوکيا برادري ۾ سخت ڪاوڙ ڇانيل آھي. ڳاڙهو ٿاڻي تي اڃان مغوي نارين مان ڪنهن ڌر ڪيس داخل ناهي ڪرايو، علائقي ۾ حراس ڇانيل آھي. ٻئي پاسي ثناء الله عرف ثنا جوڻيجو پاران سندس واالده جي اغوا جي ايف آءِ آر ڳاڙھو ٿاڻي داخل ڪرائي ڇڏي آھي