ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ رٽائرڊ پوليس اهلڪار زال هٿان قتل ٿيڻ وارو منصوبو ناڪام، پوليس عورت ۽ سندس چاهيندڙ سوڌو 3 جوابدارن گرفتار ڪري ورتو، عورت نورين چاهيندڙن سان گڏجي پنهنجي مڙس رٽائرڊ اهلڪار کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، پوليس جو چوڻ آهي ته نورين جا جُنيد سان ناجائز لاڳاپا هئا، ٻنهي گڏجي رٽائرڊ اهلڪار کي قتل ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ۽ جنيد جوابدار بلال کي اهلڪار جي قتل جي سُپاري ڏني، نورين ۽ سندس چاهيندڙن منصوبو جوڙيو ته اهلڪار صبح جي وقت ٻارن کي اسڪول ڇڏڻ وڃي ته اُن قوت کيس قتل ڪيو ويندو، اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي ۽ منصوبو ناڪام بڻايو….