لاڙڪاڻو (رپورٽر) لاڙڪاڻي مان مبينا اغوا ڄاڻايل هندو ناري اسلام قبولي ڪراچي جي نوجوان سان شادي ڪري ڇڏي، پوليس نوجوان ۽ ناري کي هٿ ڪري لاڙڪاڻي جي عدالت پيش ڪيو، 5ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو جي علي گوھر آباد محلي واسڻ ناري آرتي جي وارثن علي گوهر آباد ٿاڻي تي اڻڄاتل جوابدارن تي اغوا جو ڪيس داخل ڪرايو هو، اي ايس پي سٽي احمد فيصل چوڌري موجب، ناري مسلمان ٿي ڪراچي جي نوجوان محمد فواد سان شادي ڪئي آهي، ناري ۽ نوجوان کي ڪراچي مان هٿ ڪيو ويو، ٻنهي کي لاڙڪاڻي جي مقامي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ناري جي وارثن عدالت جي احاطي ۾ احتجاج پڻ ڪيو، محمد فواد ٻڌايو ته آرتي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي ناگن چورنگي ۾ سندس آفيس پهچي ٻڌايو ته هوءَ هتي پنهنجي دوست جي شادي ۾ آئي آهي واپس گهر نٿي وڃڻ چاهي، محمد فواد ٻڌايو ته آرتي مسلمان ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي ته مان کيس پنهنجي گهر وٺي آيس، مان آرتي کي واپس گهر وڃڻ جو چيو پر هن انڪار ڪيو، سٽي ڪورٽ ۾ آرتي مسلمان ٿي مونساڻ شادي ڪئي، مسلمان ٿيڻ بعد آرتي جو نالو عائشه رکيو ويو، پوليس اسان کي گهر مان وٺي آئي آهي، نڪاح نامو گهر آهي، منهنجي گهروارن کي اها ئي خبر آهي ته مونکي ڪراچي جي ڪنهن ٿاڻي تي رکيو ويو آهي.