ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطي لاءِ ايس ايس يو ۽ ريزرو پوليس کي به متحرڪ ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاھ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ کي هدايت ڪئي آهي ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آڻڻ لاءِ ريزرو پوليس ۽ ايس ايس يو جي جوانن کي ضلعي پوليس جي مدد لاءِ روڊن تي بيهاريو وڃي. وڏي وزير  وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو نه آڻيندڙ حد جي ايس ايچ اوز کي معطل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڏوهه روڪڻ ۾ ناڪامي جا ايس ايس پي ذميوار هوندا، وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو ته هاٽ اسپاٽ تي پوليس، ريزرو ۽ ايس ايس يو فورسز کي مقرر ڪيو وڃي، سندن ڊيوٽي ھنڌ سان گڏ مقرريءِ وارو پلان پڻ شيئر ڪيو وڃي. جڏهن ته ِشهر ۾ پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي، هن آءِ جي پوليس کي اها به هدايت ڪئي ته ڏوهارين خلاف ڪيل ڪاررواين سان گڏ سندن گرفتارين جي تعداد بابت به آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن پراسيڪيوشن ڊپارٽمينٽ کي ضروري ھدايتون ڏئي ڏوھارين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سزا ڏياري سگھجي. هن هدايت ڪئي ته عادي ڏوھارين، اسٽريٽ ڪرمنلز ۽ منشيات فروش خلاف ڪريڪ ڊائون تيز ڪيو وڃي. وڏي وزير چيو ته ڪراچي جو عوام امن امان واري خراب صورتحال،  دهشتگردن ۽ ڏوهارين هٿان تباهي ڏسي چڪو آهي، هن چيو ته پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پنهنجن فرضن جي ادائگي دوران  ڪيترين ئي قربانين کانپوءِ امن بحال ڪرايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته  ڪراچي جي عوام کي اسٽريٽ ڪرمنلز جي رحم وڪرم تي ڇڏي نٿو سگهجي، اسان سڀني کي گڏجي اسٽريٽ ڪرائم جو خاتمو آڻي شهرين ۾ تحفظ جو احساس پيدا ڪرڻو پوندو. هوڏانهن وڏي وزير جي هدايتن بعد آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس يو ۽ ريزرو فورسز کي ضلعي پوليس جي مدد لاءِ متحرڪ رهڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.