لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته مونس الاهي ۽ سندس خاندان تي دٻاءُ وڌائڻ لاءِ کين حراسان ڪيو پيو وڃي، جنهن جي تحريڪ انصاف سخت مذمت ڪري ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسٽيبلشمينٽ وٽ موجوده حڪومت کي برقرار رکڻ لاءِ طاقت استعمال ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.