والاريل القدس(م ڊ) اسرائيل فلسطيني حڪمرانن جا سفري اجازت ناما رد ڪري ڇڏيا. اهو قدم نئين اسرائيلي حڪومت کنيو آهي. فلسطين جي پرڏيهي وزير رياض المالڪي چيو ته برازيل جي صدر جي حلف برداري ۾ شرڪت کان واپس اچي رهيو هيس ته ٻڌايو ويو ته اسرائيل سفري اجازت نامو رد ڪيو آهي. اسرائيل ان جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ان جو مقصد انصاف واري عالمي عدالت ۾ اسرائيل خلاف ڪيس جو بدلو وٺڻ آهي.