ڪراچي مان پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، وارث پريشان

0
266
پراسرار نموني گم ٿيل نينگر
ڪراچي مان پراسرار نموني گم ٿيل نينگر جو پتو نه پيو، وارث پريشان

ڪراچي: سهراب ڳوٺ مان چار ڏينهن اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل نينگر فرحان ولد فرمان علي جو پتو نه پئجي سگهيو، سندس وارث پريشاني ۾ ورتل آهن

ڪراچي ۾ مزدوري سانگي آيل گلاب لغاري واسي فرمان علي جو 9 ورهين جو پٽ فرحان سهراب ڳوٺ ۾ گهر ٻاهران راند ڪندي پراسرار نموني گم ٿي ويو، ڳولا باوجود سندس ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي

هنن وڏي وزير مراد علي شاهه، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان نينگر جي ڳولا ۾ مدد جي اپيل ڪئي آهي