ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميٽرول واري علائقي ۾ دڪان ۾ سلنڊر جو ڌماڪو، 3 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾ ميٽرول جي علائقي ضياءُ ڪالوني جي اچڪزئي چوڪ ويجهو ايل پي جي دڪان ۾ رکيل گيس سلينڊر ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ شهري فهيم، عديل ۽ جاويد زخمي ٿي پيا، جن کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو،پوليس موجب گيس سلنڊر ليڪيج سبب ڦاٽو هو.