دادو( رپورٽر) سنڌ جي تعليم دوست  اڳوڻي وڏي وزير پير الاهي بخش جي 46 ھين ورسي ۽ پير الاهي بخش لا ڪاليج جي 25 ھين سلور جوبلي سالگراه جي تقريب پير الاھي بخش لا ڪاليج دادو ۾ ملھائي وئي، تقريب جو مھمان خاص نثار احمد دراني ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ پرنسپل لا ڪاليج ۽ ميمبر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، ڊاڪٽر قاضي خادم حسين اڳوڻو ڊين فيڪلٽي آف آرٽ يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو ۽ اعزازي ڊائريڪٽر علامه مصطفيٰ قاسمي چيئر حيدرآباد ، پروفيسر ڊاڪٽر اظھر علي شاھ فوڪل پرسن ، پرووائيس چانسلر شھيد محترمه بينظير ڀٽو سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس دادو ، سميع الله نثار شيخ ڊپٽي ڪمشنر دادو ، اعجاز احمد شيخ ايس ايس پي دادو ، پروفيسر سڀاڳ چند ڊي مٽلاڻي اڳوڻو پرنسپل پير الاھي بخش لا ڪاليج دادو ، سيد فيض احمد شاھ پريزيڊنٽ ڊسٽرڪٽ بار دادو شرڪت ڪري پير الاهي بخش جي  زندگي تي ۽ قوم لاءِ ڪيل خدمتن تي روشني وڌي، تقريب کي خطاب ڪندي مھمان خاص نثار احمد دراني چيو ته اسان تعليم جي رستي تي آھيون ، پير ڳوٺ ڀان سيد آباد مان  ھڪ ڏيئو ٻاري ٿو، ان دور ۾ سسٽم مضبوط ھو ، اھو ڏيئو وڌي تمام وڏي روشني ثابت ٿيو ، پير الاھي بخش جي ڪوشش سان  دادو کان  شروع ٿي سنڌ تائين تعليم عام ٿي،  تعليم شعور حق ڏيڻ ۽ وٺڻ سيکاري ٿي ، پير مظھرالحق تعليم جو وزير ٿيو ته اھڙا ادارا جوڙيا ۽ اڄ ان جو فرزند ايم پي اي آھي ، تقريب کي ڊاڪٽر خادم حسين خطاب ڪندي چيو ته پير الاھي بخش ھڪ فقير صفت انسان ھو وڏو وزير ھوندي به ھو بندر روڊ تي نماز جي ٽوپي وٺڻ پاڻ اڪيلو پنڌ نڪري پوندو ھو، تقريب کي پير عبدالرشيد ، اظھر علي ، شفيع محمد ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.