ٺڪراٺو (ن پ ا) درگاھ ڀٽ شاھ تان 5 ڏينهن اڳ مائٽن کان وڇڙي ويل ٺڪراٺي واسي مستانو نوجوان مقصودو رند شھر مان هٿ اچي ويو. خبرموجب ٺڪراٺي ڀرسان ڳوٺ روپهرو جو رهواسي نوجوان احمد حسين سمون مائٽن سان گڏ درگاھ ڀٽ شاھ تي زيارت لاءِ ويو، جتان غائب ٿي ويو هو. وارثن پاران ڳولا جاري هئي. پنج ڏينهن گذرڻ کانپوءِ نوجوان کي سانگهڙ ضلعي جي شھر مقصودو رند مان هٿ ڪيو ويو آھي. رابطو ڪرڻ تي نوجوان جي ويجهي رشتيدار طالب حسين سمون پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته نوجوان ڪجھه ڏينهن اڳ گهرڀاتين سان گڏ درگاھ ڀٽ شاهه تي زيارت لاءِ ويو، جتان اوچتو گم ٿي ويو. پنجن ڏينهن جي ڳولا کانپوءِ مقصودو رند شهر مان هٿ اچي ويو آهي. نوجوان احمدحسين جو دماغي توازن درست ناهي، جنهن ڪري هو مائٽن کان وڇڙي ويو هو. ٻئي پاسي نوجوان جي هٿ اچڻ تي گهر ۾ خوشيءَ جي لهر پکڙجي وئي.