شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) شيخ ڀرڪيو پوليس منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪري ٽي جوابدار گرفتار ڪري وڏي تعداد ۾ مين پڙيون هٿ ڪرڻ جي دعوا ڪئي آهي. شيخ ڀرڪيو پوليس مختلف هنڌن تي خفيا اطلاع تي ڪاروائي ڪندي سورج ڪولهي راجو ڪولهي وڪرم ٺاڪر کي گرفتار ڪري مين پڙيون هٿ ڪري ٿاڻي تي جوابدارن خلاف منشيات ايڪٽ تحت ڌار ڌار ڪيس درج ڪيا ويا آهن.