ملير (رپورٽر) ڪاٺوڙ ويجهو سپر هاءِ وي تي پارڪنگ ۾ بيٺل آئل ٽينڪر کي اوچتو باهه لڳي وئي، نتيجي 6 ٽرالر ۽ گاڏيون باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويون. فائر برگيڊ گاڏين موقعي تي پهچي ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد باهه تي ضابطو آندو. خبر موجب ڪاٺوڙ ويجهو سپر هاءِ وي تي هوٽل جي پارڪنگ ۾ بيٺل آئل ٽينڪر کي اوچتو باهه لڳي وئي، باهه پارڪنگ ۾ بيٺل ڇهن ٽرالرن ۽ گاڏين کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو، جيڪي پڻ سڙي ويا. اطلاع تي ايف ڊبليو او ۽ بحريا ٽائون جي فائر برگيڊ عملي پهچي ٻن ڪلاڪن جي ڪوشش بعد باهه تي ضابطو آندو، باهه سبب ڪروڙين رپين جو نقصان ٿيو. جڏهن ته جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو. باهه لڳڻ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي.