ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ واقعن ۽ حادثن ۾ نينگر سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، لنڪ روڊ ضيا الدين اسپتال ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ 65 ورهين جو غني بخش پٽ مير غني فوت ٿي ويو، گارڊن ويسٽ واري علائقي ۾ روڊ حادثي ۾ 60 ورهين جو نواب الدين فوت ٿيو، هاڪس بي مشرف ڪٽ ويجهو گاڏي جي ٽڪر ۾ 40 ورهين جو عادل فوت ٿي ويو، مڇر ڪالوني جي علائقي بلال مسجد ويجهو 6 ورهين جو هڪ نينگر گهر اندر پاڻي جي ٽينڪ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو،