ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ ۾ ڪامورن جون بدليون، ان ڏس ۾ ٻيلي کاتي جي 20 هين گريڊ جي ايڊيشنل سيڪريٽري ( ٽيڪنيڪل ) عبدالجبار قاضي کي بدلي ڪري چيف ڪنزرويٽر (آراينڊ آءِ ) مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته چيف ڪنزرويٽر اعجاز نظاماڻي کي وري ايڊيشنل سيڪريٽري (ٽيڪنيڪل ) مقرر ڪيو ويو. پوسٽنگ جي انتظار ۾ ويٺل حبيب الله نظاماڻي کي چيف ڪنزرويٽر مقرر ڪيو ويو. ٻئي طرف ليبر کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري زاهد کيمٽيو کي بدلي ڪري واسا حيدرآباد جو ايم ڊي مقرر ڪيو ويو. هوڏانهن ماحولياتي تبديلي واري کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري 20هين گريڊ جي آفيسر اسحاق کهڙو کي لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڊي جي مقرر ڪيو ويو ، جڏهن ته گھرو کاتي جي اسپيشل سيڪريٽري عامر خورشيد کان لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي واري اضافي چارج واپس ورتي وئي، ڪي ايم سي جي چيف انجنئير شبيح الحسين کي ڪي ايم سي ۾ ئي ڊي جي (ٽيڪنيڪل سروسز) مقرر ڪيو ويو.