ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ناليواري اديب امر جليل سان سنڌ جي قومپرست اڳواڻن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو ۽ اعجاز منگي ملاقات ڪري سنڌ جي صورتحال تي ويچار ونڊيا، ان موقعي تي امر جليل چيو ته آئون سنڌ جي سڀني سڄڻن جو ٿورائتو آهيان، جن پنهنجي محبت وسيلي منهنجو تحفظ ڪيو، ملاقات ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي امر جليل کي آڇ ڪئي ته اسين قومي ڪارڪن اوهان جي تحفظ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن اوهان چاهيو ته اسان جا ٻه قومي ڪارڪن بنا ڪنهن معاوضي جي اوهان جي تحفظ لاءِ تيار آهن ، ملاقات دوران ناليوارو راڳي وقار ملاح، رضوان عباسي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.