اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ڪابل ۾ حملي ي مذمت ڪري ڇڏي، پرڏيهي ترجمان حفيظ چوڌري چيو آهي ته ڪابل حملي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، پاڪستان حڪومت ۽ عوام افغانستان سرڪار ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪري ٿو، اسان سانحي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيون، پاڪستان دهشتگردن خلاف جهدوجهد ۾ پنهنجي افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستان امن ترقي ۽ خوشحالي جي راهه لاءِ افعانستان جي حمايت جاري رکندو.