گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ محمد حيات گهوٽو جو رهواسي چڱو مڙس آدم گهوٽو موٽرسائيڪل تي سوار ٿي شهر کان گهر واپس وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع تي بي سيڪشن پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي سول اسپتال گهوٽڪي پهچايو، جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، سول اسپتال گهوٽڪي ۾ وڏي تعداد ۾ گهوٽا برادري جا ماڻهو سول اسپتال گهوٽڪي پهتا، سول اسپتال گهوٽڪي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي آدم گهوٽو جي پٽ ٻڌايو بابا آدم گهوٽو کي ڀيرا برادري جي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن قتل ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس ٻڌايو ته گهوٽا ۽ ڀيرا برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻو تڪرار هلندڙ آهي اڳ ۾ به ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي 5 ڄڻن کي قتل ڪيو آهي معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون واقعي بعد ڀيري برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪئي آهي پر الزام هيٺ آيل جوابدار گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا آهن.