مالي(م ڊ) ڏکڻ ايشيا جي ننڍڙي ملڪ مالديپ جي وزيراعظم تي قاتلاڻو حملو ڪيو ويو آهي، جنهن جو الزام مخالف ڌر ۽ مذهبي انتهاپسندن تي لڳايو ويو آهي. اهو حملو خميس تي ڪيو ويو هو جنهن جو نشانو پهريون جمهوري نموني چونڊيل صدر محمد نشيد هو. سندس گهر ڌماڪي واري جاءِ کان ويجهو واقع آهي، متاثرن ۾ مسجد مان موٽندڙ نمازي به شامل هئا. صدر نشيد حملي ۾ سخت زخمي ٿيو هو ۽ سندس ڪيترائي آپريشن ڪيا ويا آهن کيس ڇنڇر جي ڏينهن هوش آيو آهي، صدر سان گڏ سندس گارڊ ۽ ٻه واٽهڙو به زخمي ٿيا جن کي به طبي امداد ڏني وئي.