کڏڙو ويجھو جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري ۽ سندس ٻارن جا لاش ھٿ نه آيا

0
199

کڏڙو (ن پ ا) کڏڙو ويجهو گذريل ڏينهن جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏيندڙ ناري ۽ سندس ٻن ٻارڙن جا لاش هٿ نه آيا، ڳوٺ غلام محمد ڏاهري واسڻ صغران خاصخيلي، سندس ڌيءَ شبانا ۽ پٽ يامين جي لاشن جي ڳولا جاري آھي، ناري گهرو اڻبڻت تي ٻن ٻارڙن سميت جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپوڏئي ڇڏيو هو، زال ۽ ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ محمد بخش خاصخيلي به جمڙائو ڪئنال ۾ ٽپو ڏنو هو پر ڌنارن کيس بچائي ورتو هو، واقعي کي 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود مختيارڪار کانسواءِ ڪو به عملدار نه پهتو، وارثن ۾ سخت تاءُ پکڙيل آھي.