عمران خان عورتن جي لباس بابت ٺيڪ چيو هو:حريم شاهه

0
179
ايف آءِ اي جي حرڪت

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه ايوارڊ تقريب ۾ اداڪارائن جي لباس تي تنقيد ڪندي چيو آهي ايڏي بي حيائي ته ٽڪ ٽاڪ اسٽارز به نه پکيڙي، جيڏي انهن اداڪارائن پکيڙي آهي. تازو نجي ٽي وي چئنل جي هڪ ايوارڊز تقريب لاهور ۾ ٿي، جنههن ۾ ڪجهه فنڪارن جي پرفارمنس ۽ اسٽائل جي واکاڻ ڪئي وئي ته ڪجهه اداڪارائن کي مختصر لباس سبب تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي.هاڻ ٽڪ ٽاڪ اسٽار حريم شاهه به هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪندي انهن اداڪارائن تي تنقيد ڪئي آهي.حريم شاهه چيو مون کي ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ پسند ناهي پر هتي ڳالهائڻ ضروري آهي، سوشل ميڊيا واهپيدار ۽ ميڊيا چوندي آهي ته ٽڪ ٽاڪ اسٽار بي حيائي پکيڙي رهيا آهن، اڄ مان چونديس ته توهان ڪٿي سمهي پيا آهيو؟ پاڪستاني اداڪارائون جيڪي پاڻ کي ليجنڊ چونديون آهن، انهن ايوارڊ شو جي تقريب ۾ بي حيائي ۽ بي شرمي وارو لباس پاتو، عمران خان صاحب ٺيڪ چيو هو ته جيڪڏهن عورت پنهنجو لباس مختصر ڪري ته پوءِ پاڪستان ۾ اهو ئي ٿيندو.هن چيو اسان کي فيشن ڪرڻ کان ڪنهن به ناهي روڪيو، فيشن ڪرڻ حق آهي پر ايڏي بي حيائي ٽڪ ٽاڪ اسٽارز به نه پکيڙي، جيڏي ايوارڊ شو ۾ نظر آئي، ڪنهن جي سڄي ڄنگهه نظر اچي رهي هئي ته ڪنهن جو جسم نظر اچي رهيو هو.