والدا چيو هو ته ڪاش پيدا ٿيندي ئي مري وڃين ها:راکي ساونت

0
385

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي تڪراري اداڪارا راکي ساونت چيو آهي ته والدا چيو هو ته ڪاش پيدا ٿيندي ئي مري وڃين ها. ڀارتي ميڊيا موجب اداڪارا راکي ساونت هڪ انٽرويو ۾ چيو آهي ته شوبز انڊسٽري ۾ اچڻ سبب مونکي پنهنجا والدين ڇڏڻا پئجي ويا هئا. هن چيو ته ميڪا سنگهه واري مامري تي والد والدا کي مار ڪڍي هئي جنهن بعد والدا مونکي چيو هو ته ڪاش پيدا ٿيندي ئي مري وڃين ها جنهن بعد هو ڪافي عرصي تائين مون سان نه ڳالهائيندي هئي. هن چيو ته مون کيس چيو هو ته آئون اميتاڀ يا انيل ڪپور جي ڌيءُ ناهيان مونکي وڏي جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي. هن چيو ته منهنجو خاندان اڄ به مونکي بدڪار سمجهي ٿو.