گووندا ۽ روينا هڪ ڀيرو ٻيهر فلمي دنيا ۾ گڏ ايندا

0
217

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪار گوندا ۽ روينا ٽنڊن هڪ ڀيرو ٻيهر فلمي دنيا ۾ گڏ ايندا. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا روينا ٽنڊن سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي مداحن کي خوشخبري ٻڌائي آهي جنهن ۾ هن لکيو آهي ته هو وڏي عرصي بعد گوندا سان گڏ وڏي اسڪرين تي اچي رهي آهي تنهن هوندي به فلم جو نالو يا ٻيا تفصيل نه ٻڌايا آهن. اداڪارا گوندا سان گڏ نڪتل هڪ سيلفي پڻ شيئر ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ٻنهي دلهي راجا، اناڙي نمبر ون، بڙي ميان ڇوٽي ميان، آنٽي نمبر ون، راجا جي، اکيون سي گولي ماري سميت سپرهٽ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي.