ومبلڊن ايونٽ ۾ ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيان، وزن به گهٽايو اٿم: ثانيه مرزا

0
394

ڪراچي: ٽينس اسٽار ثانيه مرزا چيو آهي ته هوءَ ومبلڊن ايونٽ لاءِ پرعزم آهي، سڀاڻي مخالف ٽيم سان مقابلو ڪندي، ثانيه مرزا ان کان اڳ ساڳئي ئي ايونٽ ۾ پهرين 2 مقابلا کٽي پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري چڪي آهي. هڪ انٽرويو دوران ثانيه مرزا چيو ته ٽينس ۾ سڀ فٽ هوندا آهن، ڪنهن به رانديگرياڻي کي پاڻ کان ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪندي آهيان، پٽ جي پيدائش کانپوءِ لاڳيتو ٽينس مان ڪٽجي وئي هيس، پر هاڻ واپس آئي آهيان ۽ هاڻ پٽ به منهنجي ميچ وڏي شوق سان ڏسندو آهي.