ڪرڪيٽرن جي صحت اوليت آهي: پي سي بي

0
330
پي سي بي پاران

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) چيو آهي ته انگلينڊ ٽيم جي ڪرڪيٽرن کي ڪورونا جي تصديق کانپوءِ ميزبان بورڊ سان رابطي ۾ آهيون. پي سي بي موجب رانديگرن جي صحت ۽ حفاظت کي نظر ۾ رکندي اي سي بي سان بار بار رابطا ڪيا ويا، ميزبان بورڊ جي ميڊيڪل بورڊ خاطري ڪرائي آهي. پي سي بي رانديگرن جي صحت ۽ حفاظت لاءِ پروٽوڪولز تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته قومي ٽيم مينجمينٽ سان رابطي آهيون. پي سي بي هوٽل ۽ ميچ وينيو تي وڌيڪ سخت احتياطي اپاءُ اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، جڏهن ته پاڪ-انگلينڊ ڪرڪيٽ سيريز شيڊول موجب ٿيندي، سوشل ميڊيا تي غلط افواهه پکيڙيا پيا وڃن، ڪرڪيٽ جا مداح افواهن تي ڌيان ڏئي پريشان نه ٿين. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم انگلينڊ پهتل آهي، جتي رانديگر پريڪٽس ۾ رڌل آهي