ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو

0
390

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ليجنڊ اداڪار دليپ ڪمار لاڏاڻو ڪري ويو آھي، دليپ ڪمار جي وارثن پاران ان جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي اداڪار جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي وئي آھي، ڀارتي ميڊيا موجب 98 ورھين جي دليپ ڪمار کي ساھ جي تڪليف سبب ممبئي جي نجي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو ھو، جتي ھو لاڏاڻو ڪري ويو آھي، دليپ ڪمار جي ڊاڪٽر جليل پالڪر موجب اداڪار ڀارتي وقت موجب 7 لڳي 30 منٽن تي لاڏاڻو ڪري ويو، دليپ ڪمار جي ٽوئٽر اڪائونٽ تي اطلاع ڏنو ويو آھي تھ اداڪار جي تدفين ممبئي جي مقامي قبرستان ۾ ڪئي ويندي، دليپ ڪمار جي نالي سان مشھور يوسف خان 1922 تي پشاور جي خداداد پاڙي ۾ پيدا ٿيو ۽ ھُن جو اباڻو گھر اڄ بھ پشاور ۾ موجود آھي جنھن کي صوبائي حڪومت قومي ورثو قرار ڏئي عجائب گھر ۾ منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي.شھنشاھ جذبات جو لقب پائيندڙ دليپ ڪمار کي انڊين فلم جو سڀ کان وڏو اعزاز دادا صاحب پھالڪي ايوارڊ سان نوازيو ويو ھو، ھُن کي پاڪستاني حڪومت پاران 1998 ۾ نشان پاڪستان سان نوازيو ويو. دليپ ڪمار 1940 کان 1960 جي ڏھاڪن تائين ڀارتي سينيما تي ڇانيل رھيو.