کپرو (ن پ ا) کپرو هٿونگو بيسڪ هيلٿ سينٽر جي پوليو ٽيم سان ڳوٺاڻي جي ٿيل منهن ماري واري معامري بعد عملي پاران پوليو مهم جي بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، جنهن بعد بيسڪ هيلٿ سينٽر هٿونگو جي چوڪيدار منٺار راڄڙ جي فرياد تي پوليو ٽيم سان منهن ماري ڪندڙ ڳوٺاڻي محمود راڄڙ خلاف کپرو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي.