نندوشھر (ن پ ا ) نندو لڳ ويگو گاڏيءَ جي ٽڪر ۾ فوت ٿي ويل استاد سيف الله ڀرڳڙيءَ جو نندو اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد مرحوم کي اباڻي قبرستان اوليا راڄسين سومراڻي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. فوتيءَ جي سئوٽ طفيل ڀرڳڙي جي فرياد تي نندو پوليس قلم 320, 279,427تحت ڪيس داخل ڪري ويگو جي ڊرائيور پرڪاش گجراتيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آھي.