خيرپور (رپورٽر) هڪ هفتو اڳ خيرپور ڀرسان ڳوٺ وڏا سمنگ ۾ روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويل 5 سالا ٻارڙيءَ هير شيخ جو ٽنڊومستي ڀرسان لاش هٿ آيو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ٻارڙيءَ جو لاش هٿ اچڻ کان پوءِ اطلاع تي وارثن ٽنڊومستي پهچتا جتان اُهي ٻارڙيءَ جو لاش ايمبولينس نه ملڻ سبب موٽرسائيڪل تي کڻي گهر پهتا. ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ ٻه معصوم ٻارڙا عبدالله شيخ ۽ هير شيخ روهڙي ڪينال ۾ ٻڏي ويا هئا جن مان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت 6 سالا ٻارڙي عبدالله شيخ جو لاش ڪينال مان ڪڍي ورتو هو جڏهن ته ٻارڙي هير شيخ جو لاش هٿ اچي نه سگهيو هو.